جنوري ۾ مهانگائي جي شرح 26 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت جنوري ۾ مهانگائي جي شرح 26 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ڏيکاريو آهي.ناڻي واري وزارت موجب ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا گهٽجي ويا آهن، ذخيرن کي بچائڻ لاءِ درآمدن کي روڪيو پيو وڃي، 6 مهينن ۾ برآمدن ۾ 6.8 ۽ درآمدن ۾ 18.2 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته جولاءِ کان ڊسمبر تائين ناڻي جي پهچ ۾ 11.1 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، 27 جنوري تي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 5.6 ارب ڊالر هئا، هلندڙ سال معاشي اوسر جي شرح سست رهڻ جو امڪان آهي.ناڻي واري وزارت موجب جولاءِ کان ڊسمبر تائين مهانگائي جي شرح 25 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو