جلد عام چونڊن کي ممڪن بڻائڻ لاءِ تڪبندين جي مدي ۾ گهٽتائي

جلد عام چونڊن کي ممڪن بڻائڻ لاءِ تڪبندين جي مدي ۾ گهٽتائي

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊون جلد ممڪن بڻائڻ لاءِ تڪبندين جو مدو گهٽائي ڇڏيو آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اڄ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سياسي پارٽين جي راءِ ۽ مشاورت تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ عام چونڊن جي شيڊول ۽ تڪ بندين بابت معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي مشاورت ۽ راءِ کانپوءِ تڪ بندين جو مدو گهٽايو آهي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته هاڻي تڪ بندين جي پڌرائي 30 نومبر تي ٿيندي ۽ تڪبندين جو مدو گهٽائڻ جو مقصد جلد چونڊون ممڪن بڻائڻ آهي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊ شيڊول جو اعلان به تڪبندين جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن تڪبندين جي شفافيت کي يقيني بڻائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو