جعلي اڪائونٽس ڪيس، ڊاڪٽر ڊنشا کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت

جعلي اڪائونٽس ڪيس، ڊاڪٽر ڊنشا کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي جوابدار ڊاڪٽر دنشا کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.جسٽس جمال مندوخيل جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ جوابدار ڊاڪٽر دنشا جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر دنشا جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي سندس پاسپورٽ واپس ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر ڊنشا پنهنجي ڌيءَ جي شادي لاءِ برطانيا وڃي سگهي ٿو.نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ڊاڪٽر دنشا جي هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت تي ڪو اعتراض ناهي، عدالت ماضي ۾ به هڪ ڀيرو ملزم کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي چڪي آهي.جسٽس شهزاد ملڪ پڇاڻو ڪيو ته ڇا ضمانت آهي ته ڊاڪٽر دنشا ملڪ واپس ايندي؟ جنهن تي جوابدار جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڊاڪٽر دنشا مچلڪي پيش ٿيڻ لاءِ راضي آهي، سپريم ڪورٽ 2021ع ۾ ضمانت ڏني ۽ اڄ تائين غلط استعمال ناهي ڪيو.جسٽس شهزاد ملڪ چيو ته ضمانت واري فيصلي ۾ پاسپورٽ تسليم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، سپريم ڪورٽ 3 سالن کانپوءِ پنهنجي فيصلي تي ڪيئن نظرثاني ڪري سگهي ٿي؟ وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته هو هڪ دوري لاءِ درخواست ڪري رهيو آهي، نظر ثاني لاءِ نه، ان ڪري هو پنهنجي ڌيءَ جي شادي ۾ شرڪت ڪري سگهي ٿو، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ترميمون بحال ٿيڻ کانپوءِ ڪيس ٻئي فورم ڏانهن منتقل ٿي سگهي ٿو.جسٽس مسرت هلالي پڇاڻو ڪيو ته 4 سالن کان ٽرائل شروع ڇو نه ٿيو؟ نيب ڪيتري عرصي کان ڇا ڪري رهي آهي؟ سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر دنشا جي پرڏيهه وڃڻ جي درخواست منظور ڪندي چيو آهي ته جوابدار 2 مهينن ۾ ملڪ واپس اچڻ ۽ پاسپورٽ ٽرائل ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جو پابند هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو