جعفر ايڪسپريس ۽ بولان ميل ٽيڪنيڪل سبب رد

جعفر ايڪسپريس ۽ بولان ميل ٽيڪنيڪل سبب رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس اڄ ٽيڪنيڪل سببن جي ڪري رد ڪئي وئي.ريلوي ترجمان چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس کي به 12 ۽ 13 نومبر لاءِ رد ڪيو ويو آهي. ٽرين ڪالهه پشاور کان روانو نه ٿي سگهي، جنهن جي ڪري هي ٽرين اڄ ڪوئيٽا نه پهچندي.ريلوي عملدارن موجب، ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ بولان ميل کي به ڪالهه ۽ 13 نومبر تي منسوخ ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته بولان ميل ڪالهه ڪراچي کان رد ڪئي وئي هئي، تنهن ڪري هي ٽرين اڄ ڪوئيٽا نه پهچي سگهندي، جڏهن ته 11 نومبر تي ڪراچي کان ڪوئيٽا ويندڙ بولان ميل جي روانگي پڻ منسوخ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو