مٽياري (ن سنڌيار) جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سنسني خيز مقابلن بعد مٽياري ضلعي جي ٽيم فائنل ۾ قمبر شهدادڪوٽ کي شڪست ڏئي کٽي ورتو. سيکاٽ ۾ سنڌو ڪناري جشن آزادي جي خوشي ۾ مٽياري جي باگڙي برادري پاران هڪ ڏينهن واري شاندار سيٺ منگل مل سرڳواسي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو انعقاد ڪيو ويو. ٽورنامينٽ جا آرگنائيزر راجا رام باگڙي . ويساڪي مل باگڙي . سيتارام باگڙي ۽ ٽيهل رام باگڙي هئا ٽورنامينٽ ۾ مٽياري . لاڙڪاڻو . ڪراچي . قاضي احمد . حيدرآباد . قمبر شهداد ڪوٽ . هوسڙي سميت اٺ ٽيمون شريڪ هيون پهرين مرحلي جي مقابلن بعد مٽياري ۽ قمبر شهدادڪوٽ جون ٽيمون فائنل ۾ پهتيون. فائنل ۾ سخت مقابلي بعد مٽياري جي ٽيم قمبر جي ٽيم کي هارائي فائنل کٽي ورتو. ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ مٽياري جي رانديگر شنڪر لال جي نالي رهيو ان کان اڳ ٽورنامينٽ جو افتتاح پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن سان ڪيو ويو. پوري گرائونڊ ۾ قومي جهنڊن ۽ سان سجايو ويو هو. ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي چيف آرگنائيزر راجا رام باگڙي جو چوڻ هو ته اسين باگڙي برادري محب وطن آهيون اسان جي رڳ رڳ ۾ پاڪستان سان محبت سمايل آهي اسان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان سان آهي 14 آگسٽ اسان جي لاءِ ڪنهن هولي يا ديوالي کان گهٽ ناهي اڄوڪي ڏينهن اسان جو وطن پاڪستان آزاد ٿيو هو.










