اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڊينگي بخار ۾ مبتلا ٿي ويو.عدالتي ذريعن موجب جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي گذريل ڏينهن ڊينگي جي ٽيسٽ پازيٽو آئي، جنهن بعد ڊاڪٽرن کيس بيڊ ريسٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڊينگي بخار سبب اڄ ۽ سڀاڻي موڪل تي آهي.










