ماسڪو (ويب ڊيسڪ)جرمن صدر فرينڪ والٽر اسٽائن ميئر ملڪ جي پارليامينٽ کي ٽوڙي ڇڏيو.پرڏيهي خابرو اداري موجب جرمن صدر فرينڪ والٽر اسٽائن ميئر چانسلر اولاف شولز جي اتحادي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ نئين عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ پارليامينٽ کي ٽوڙي ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا موجب جرمني ۾ پارليامينٽ ٽوڙڻ کانپوءِ 23 فيبروري تي نيون عام چونڊون ڪرايون وينديون.ان حوالي سان جرمن صدر اسٽين ميئر جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال ۾ ملڪ کي پارليامينٽ ۾ اڪثريت سان مستحڪم حڪومت جي ضرورت آهي.










