ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير لائيوسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته “علاج کان احتياط بهتر آهي” جي مقولي تي عمل ڪندي سنڌ حڪومت چوپائي مال کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ ويڪسينيشن مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشيا جي سڀ کان وڏي ڪيٽل ڪالوني، گورنمينٽ ويٽرنري اسپتال لانڍي ۾ منعقد ٿيل ‘پري مونسون ويڪسينيشن پروگرام 27-2026’ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. محمد علي ملڪاڻي چيو ته ڪراچي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هتي دنيا جي وڏين مال پڙين مان هڪ موجود آهي. هن واپارين ۽ فارمرز کي يقين ڏياريو ته هو انهن جي مسئلن کان واقف آهن ۽ جلد ئي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ويهي انهن جو پائيدار حل ڪڍيو ويندو. پنجاب ۾ لائيوسٽاڪ جي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب پکيڙ ۽ آبادي جي لحاظ کان وڏو صوبو آهي، اتي جانورن جو تعداد ۽ بجيٽ به وڌيڪ آهي، پر سنڌ حڪومت پڻ محدود وسيلن جي باوجود بهترين نتيجن لاءِ ڪوششان آهي. هن واضح ڪيو ته هي صرف حڪومتي بجيٽ جو معاملو ناهي پر جانورن جي صحت ۽ معيشت جي استحڪام جو مشن آهي. محمد علي ملڪاڻي چيو ته “علاج کان احتياط بهتر آهي” جي مقولي تي عمل ڪندي اسان جانورن کي موسمي بيمارين کان بچائڻ لاءِ هن مهم جو دائرو پوري سنڌ تائين ڦهلائي ڇڏيو آهي. هن واضح ڪيو ته سڄي سنڌ جي ويٽرنري اسپتالن ۾ تياريون مڪمل آهن ۽ پوري صوبي لاءِ ويڪسين جو وافر ذخيرو ۽ سمورا ضروري انتظام موجود آهن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت مالوند طبقي جي معاشي بهتري ۽ جانورن جي صحت لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. هن مالڪن تي زور ڏنو ته هو هن مهم مان ڀرپور فائدو وٺن ته جيئن سندن جانور بيمارين کان محفوظ رهي سگهن. هن جو چوڻ هو ته جڏهن چوپايو مال صحت مند هوندو ته ان سان نه صرف مالدارن جي گهرن ۾ پر پوري سنڌ ۾ خوشحالي ايندي. ياد رهي ته لانڍي ڪيٽل ڪالوني کي ايشيا جي وڏين مال پڙين ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، جتي هن مهم جو آغاز سنڌ جي لائيوسٽاڪ معيشت لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.










