جاتي امرا ۾ گڏجاڻي، تحريڪ انصاف جي مستقبل تي غور ويچار

جاتي امرا ۾ گڏجاڻي، تحريڪ انصاف جي مستقبل تي غور ويچار

لاهور: (ويب ڊيسڪ) شريف خاندان جاتي امرا ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي اهم ملاقات ڪئي ته جيئن ملڪ ۾ جاري سياسي صورتحال، خاص طور تي اپوزيشن پارٽين پاڪستان تحريڪ انصاف جي مستقبل ۽ پنجاب جي انتظاميه ۾ امڪاني تبديلي تي مشاورت ڪري سگهجي.رپورٽ موجب حڪمران خاندان جي ويجهن ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر نوازشريف موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. 2 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ انهي ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ امڪاني حڪمت عملي ۽ وفاقي، پنجاب حڪومتن جي موثر جواب تي غور ڪيو ويو.ڳالهين جو محور اهو سوال هو ته عمران خان جي پنهنجي پارٽي ۾ موجوده حيثيت ڪهڙي آهي، پي ٽي آ قيادت پنهنجي قيد باني جي اڳواڻ تي ڀاڙڻ جاري رکندي يا پوءِ اڳوڻي وزيراعظم جي خلاف اسٽيبلشمينٽ جي هينئر تائين جي سخت ترين رد عمل کان پوءِ پاڻ کي انهي کان پري رهندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته شريف خاندان گڏجاڻي ۾ مختلف سياسي ۽ معاشي قدمن جي باري ۾ به اسٽيبلشمينٽ جي نقطه نظر جو جائزو ورتو. جيڪا مسلم ليگ(ن) جي حڪومت اختيار ڪري رهي آهي. ذريعن موجب مريم نواز پنجاب ڪابينه جي تازو ئي تيار ڪيل ڪارڪردگي رپورٽ تي پنهنجي والد ۽ چاچي کي بريفنگ ڏني جنهن ۾ آڊٽ جي ذريعي سامهون ايندڙ نمايان ڪوتاهين جي جاچ ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب وزيراعليٰ پنهنجي ڪابينه ۾ هيٺ مٿانهين ۽ نئين وزيرن جي شموليت ذريعي حڪومت جي گڏيل ڪارڪردگي بهتر بنائڻ جي لاءِ پنهنجي ارادي جو اظهار به ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو