تڪڙ ۾ ريلوي لائن پار ڪندڙ ٻه ڄڻا شاليمار جي ٽڪر ۾ فوت

گهوٽڪي (ن س) گهوٽڪي لڳ ڪارو گهٽ وٽ ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس ريلوي لائين ڪراس ڪندڙ ٻن ڳوٺاڻن کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ 13 ورهين جو مشرف ۽ 26 ورهين جو شهباز ٿڏي تي فوت ٿي ويا. حادثي کانپوء ٽرين ڪجهه دير اتي بيٺل رهي، جنهن بعد پنهنجي منزل طرف رواني ٿي وئي. هوڏانهن حادثي کانپوء فوت ٿي ويل ٻنهي ڄڻن جي لاش کي گهوٽڪي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جنهن بعد ضروري ڪاروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. فوت ٿي ويلن جا لاش اباڻي ڳوٺ عبدالمجيد مهر پهتا ته سندن گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو ياد رهي ته ڪاري گهٽ وٽ ريلوي ڦاٽڪ نه هجڻ ڪري ٽرين جا حادثا معمول بڻيل آهن ۽ حادثن سبب ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي ويون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو