تيز برسات، يورپ ۾ ٻوڏ جي صورتحال،شهري محفوظ هنڌ منتقل

تيز برسات، يورپ ۾ ٻوڏ جي صورتحال،شهري محفوظ هنڌ منتقل

يورپ (ويب ڊيسڪ)اوڀر ۽ وچ يورپ ۾ جاري تيز برساتن سبب ٻوڏ اچي وئي آهي.خبرون ڏيندڙن ادارن موجب متاثر يورپي ملڪن جي درياهن ۾ پاڻي جي سطح حد کان مٿي ٿي وئي آهي.برساتن سبب چيڪ ريپبلڪ ۽ پولينڊ جي سرحدي شهرن جا رهواسي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن.ٻئي طرف رومانيا ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻوڏ سبب 5 هزار گهر تباهه ٿي ويا.رپورٽن مطابق چيڪ ريپبلڪ، سلوواڪيا، پولينڊ، هنگري، جرمني ۽ آسٽريا ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو