توشه خانه 2: بشريٰ جي ضمانت واري درخواست تي جواب طلب

توشه خانه 2: بشريٰ جي ضمانت واري درخواست تي جواب طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه 2 ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب 4 آڪٽوبر تي ٻڌڻي لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت طرفان جاري ڪيل لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست تي حڪم هن هفتي لاءِ جاري ڪيو ويو آهي.حڪم ۾ چيو ويو ته ايف آءِ اي ايندڙ ٻڌڻي تائين ضمانت واري درخواست تي جواب جمع ڪرائي.حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار جي وڪيل موجب ٽرائل ڪورٽ کي ٻڌايو ويو ته اڳ به ساڳئي ريفرنس ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي ۽ ٽرائل ڪورٽ ان ئي بنياد تي ضمانت رد ڪئي هئي.لکت واري حڪم موجب ٽرائل ڪورٽ ضمانت رد ڪندي هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو.بشریٰ بي بي طرفان بئريسٽر خديجه صديقي ۽ خالد يوسف چوڌري ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو