توشه خانه ٽو، بشريٰ جي ضمانت  واري درخواست تي نوٽيس جاري

توشه خانه ٽو، بشريٰ جي ضمانت واري درخواست تي نوٽيس جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس 2 ۾ پي ٽي آءِ جي باني بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست تي وفاق ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.سپريم ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست تي ڌرين کي ايندڙ هفتي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.بشریٰ بي بي جي وڪيل خالد يوسف چوڌري عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته بشرا بي بي 13 جولاءِ کان ان ڪيس ۾ قيد آهي، ٽرائل ڪورٽ سندس ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.بشرا بي بي جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ سومر تائين ملتوي ڪئي وڃي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ڪيس کي معمول موجب هلڻ ڏيو، ايندڙ هفتي جي نئين تاريخ بعد ۾ ڏني ويندي.ان سان گڏ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو