تهار  جيل ۾ بک هڙتال تي ويٺل ياسين ملڪ جي طبيعت خراب

تهار جيل ۾ بک هڙتال تي ويٺل ياسين ملڪ جي طبيعت خراب

ممبئي (ويب ڊيسڪ)تهار جيل ۾ بک هڙتال تي ويٺل حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب ياسين ملڪ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بک هڙتال تي ويٺو آهي، جنهن سبب سندس جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي وئي هئي، کيس انجيڪشن ذريعي فلوئڊ ڏنو پيو وڃي پر اهي ياسين ملڪ لاءِ ڪافي نه هئا. رابعه قتل ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي 56 سالن جي ياسين ملڪ جمعي جي صبح کان غير معینہ مدت تائين بک هڙتال جو اعلان ڪيو.جڏهن ياسين ملڪ کي ناشتو ڏنو ويو ته هن کائڻ کان انڪار ڪيو ۽ مسلسل بکيو رهيو.ياسين ملڪ کي تہاڑ جيل جي حساس ترين سيل ۾ رکيو ويو آهي، جتي سندس طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو