تل ايب (ويب ڊيسڪ)اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب ۾ سفارتخاني ويجهو عمارت تي ڊرون حملي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.اسرائيلي ميڊيا موجب تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ويجهو عمارت تي ڊرون حملي کانپوءِ شعلا پري کان ڏٺا ويا.اسرائيلي ميڊيا رپورٽن موجب عمارت تي ڊرون حملي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.اسرائيلي دفاعي فورس (آءِ ڊي ايف) ڊرون حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اهو حملو حزب الله جي سينيئر ڪمانڊر تي حملي جي بدلي ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ حزب الله جو سينيئر ڪمانڊر مارجي ويو.ميڊيا رپورٽن موجب سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سڪيورٽي اختيارين ان ڳالهه جي به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته ڊرون حملي کان اڳ خطري جي نشاندهي ڪندڙ سائرن ڇو نه وڄيا.ٻئي طرف ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته يمن جي حوثي باغين اسرائيل تي ڊرون حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي ۽ ڊرون حملي کي 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس جي حملي کانپوءِ وڏي ڪارروائي قرار ڏنو آهي.










