تعليم تي ڪم ڪندڙ تنظيم پاران ميگا ايجوڪيشننل تقريب منقعد

تعليم تي ڪم ڪندڙ تنظيم پاران ميگا ايجوڪيشننل تقريب منقعد

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو ۾ تعليم تي ڪم ڪندڙ تنظيم ليرنبل پاران ميگا ايجوڪيشننل ايوينٽ نالي جيم خانه ۾ شاندار تقريب  تعليمي ماهرن سميت شاگردن جي وڏي انگ ۾ شرڪت بهترين ڪارڪردگي تي ٻارڙن ۾ ايوارڊ تقسيم دادو ۾ تعليم تي آگاهي وارو ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ليرنبل  پاران جئم خانه ۾ شاندار تقريب جو احتمام ڪيو ويو تقريب ۾ دادو جي مختلف اسڪولن جي ٻارڙن ٽيبلوز پيش ڪري شريڪ مھمانن کان خوب داد حاصل ڪئي تقريب ۾ سماجي تنظيم زندگي ڊيوليپمينٽ آگرنائيزيشن چئيرمين محمد بخش ڪورائي ، صدر پريس ڪلب صابر حسين ڀنڊ ، اسٽيپ فائونڊيشن جي چئيرپرسن شائسته بلوچ مهمان خصوصي طور شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي چيف ايگزيڪيٽيو ليرنبل انجئير تنوير علي سومرو، ڊاريڪٽر پروگرام نويد علي سومرو جنرل سيڪريٽري اشفاق احمد ملڪ ۽ ايوينٽ پلانر سجاد بلوچ خطاب ڪندي چيو ته اسان جي هن تنظيم جو مقصد شاگردن ۾ تعليم ڏاهن دلچسپي سان لاڙو ڪرڻ انهن کي تعليم جي فائدن مان آگاهي ۽ انهن جي اسڪول ۾ سموري سال جي محنت تي انهن کي ايوارڊ ڏئي سندن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي جئين هو وڌيڪ تعليم تي شوق رکن ۽ پاڻ کي مختلف اسڪاڪلرشپ سميت ٻين تعليمي مقابلن لاء تيار رکن پروگرام ۾ مختلف پرائيوٽ توڙي سرڪاري اسڪولن جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ شاگردن پاران مختلف تعليمي آگاهي تي ٽيبلوز پيش ڪري شريڪ مهمانن کان خوب داد ۽ انعام حاصل ڪيا اسڪولن ۾ چٽا ڀيٽي ۽ پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي مهمانن جي هٿان ايوارڊ پڻ ڏياريا ويا ان موقعي تي تنظيم جي پهرين شاندار ڪامياب تقريب تي سماجي اڳواڻ محمدبخش ڪورائي ۽ شائسته کوسو،راحيل سومرو، نور شيخ، نائنه حسن ۽ عاصم خان ڪيڪ پڻ ڪٽيو تقريب ۾ پرائيويٽ اسڪول ايسوسئيشن جي صدر سيد مسعود احمد شاه، صحافي رضوان منگي، ڪامران ڪورائي،شهزاد چانڊيو، ديدار شيخ، لياقت ملڪ، ارباب رستماڻي،محرم شينو، منظور چانڊيو،حبدار ٻٻر ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي

پهنجو تبصرو موڪليو