تعليمي بورڊز ۾ اعليٰ عهدن تي تقرري آئي بي اي ٽيسٽ سان مشروط

تعليمي بورڊز ۾ اعليٰ عهدن تي تقرري آئي بي اي ٽيسٽ سان مشروط

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليمي بورڊز ۾ ۽ چيئرمين ڪنٽرولر، سيڪريٽري ۽ آڊٽ آفيسر ٿيڻ لاءِ آئي بي اي ڪراچي جي ٽيسٽ پاس ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. بورڊز کاتي ۽ سنڌ جي ڪاليجن جي سمورن تعليمي بورڊز۾چيئرمين، ڪنٽرولز سيڪريٽريز ۽ آڊٽ آفيسرن جي مقرري لاءِ ٽيسٽ وٺڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي. اها ٽيسٽ آئي بي اي ڪراچي پاران ورتي ويندي. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري بورڊز عباس بلوچ سنڌ جي وڏي وزير کي سمري موڪلي ڇڏي آهي. سمري ۾ چيو ويو آهي ته 27 نومبر 2023ع تي سنڌ ۾ تعليمي بورڊز ۾اهڙن وڏن عهدن تي مقرري جي حوالي سان هڪ سمري وڏي وزير ڏانهن موڪلي وئي هئي، جنهن ۾وڏي وزير چيئرمين سيڪريٽري، ڪنٽرولر آف ايزگيمنيشن ۽ آڊٽ آفيسر جي خالي جاين تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ تلاش ڪميٽي جي ذريعي اشتهار جاري ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ چونڊ جي اجازت ڏني وئي هئي. جنهن کان پوءِ بورڊ ۽ ڪاليجن جي کاتي جي چيئرمين، سيڪريٽري، امتحانن واري ڪنٽرولر ۽ آڊٽ آفيسر جي خالي جاين جو اشتهار ڏنو ويو هو. پر ان عهدن تي مقرري جي عمل جي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف درخواستون داخل ڪيون ويون هيون، سمري ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايڇ سي اي 2024/47 جي حڪم کي خارج ڪيو ويو آهي ۽ بورڊ ۽ ڪاليجن جي کاتي کي تلاش ڪميٽي جي ذريعي مقرري جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي اجازت ڏني آهي. تلاش ڪميٽي ايڪٽ 2022ع جي تحت آئي بي اي ڪراچي ۽ تلاش ڪميٽي جي ذريعي منعقد ٿيندڙ اهڙي عمل جي ذريعي اهڙن وڏن آفيسرن جي جلد مقرري جي عمل کي بهترين طريقي سان شروع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو