ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان ڪفايت شعاري قدمن تحت فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪو به کاتو بجيٽ کان ٻاهر رقم حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست نه موڪليندو۔ هن چيو ته هن وقت صرف پاڪستان نه پر سڄي دنيا جنگي صورتحال سبب مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، ۽ صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ به انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪيا ويا۔ سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ گهرو، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪچي وارن علائقن جي جامع سروي جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ ان لاءِ رقم به رکي وئي آهي، جنهن سان سيڪيورٽي مسئلن جي حل ۾ آساني ٿيندي۔ هن چيو ته گهرو کاتي طرفان ڪچي ۾ آپريشن به ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سنڌ ڪابينا جنگلات کاتي کي جامع پاليسيون ٺاهڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن۔ هن ٻڌايو ته سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي ۾ جديد گهڻ مقصدِي اسٽيڊيم جي تعمير لاءِ 10 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سرڪاري ادارن ۾ اڳوڻن سالن جي شاگردن جي فيسن جي واپسي لاءِ 3.4 ارب رپين جي اصولي منظوري ڏني وئي آهي۔ سنڌ ڪابينا ايس ڊي جيز تحت 98 اسڪيمون منظور ڪندي 4.33 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، جڏهن ته عورت فائونڊيشن لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي گرانٽ پڻ منظور ڪئي وئي آهي۔ خيرپور ۾ درازا شريف تي حضرت سچل سرمستؒ جي نالي سان لائبريري قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن جي لاڳت 5 ڪروڙ 15 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڀٽ شاهه ۾ حضرت شاهه لطيف ڀٽائيؒ جي مزار تي ترقياتي ڪم پڻ منظور ڪيا ويا آهن۔ سنڌ ڪابينا هڪ ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪا هاري ڪارڊ ذريعي ڪئي ويندي، ۽ ان سلسلي ۾ آبادگارن جو مڪمل ڊيٽا پڻ موجود آهي۔ شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري بي آءِ ايس پي پروگرام جي شروعات لاءِ ڊيٽا گڏ ڪرايو هو، ساڳئي طرز تي آبادگارن جو ڊيٽا پڻ گڏ ڪيو ويو آهي۔ هن چيو ته ڳورهاري عورتن ۾ ڪينسر سميت ٻين بيمارين جي بروقت سڃاڻپ لاءِ هڪ جديد ٽيچنگ سينٽر قائم ڪيو پيو وڃي ته جيئن طبي عملي کي تربيت ڏني وڃي۔ پريس ڪانفرنس دوران صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سنڌ پوليس ڪچي وارن علائقن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ ان حوالي سان ميڊيا کي وقت بوقت آگاهه ڪيو ويو آهي۔ هن ٻڌايو ته مختلف ضلعن ۾ آپريشن دوران 393 ماڻهن هٿيار ڦٽا ڪيا آهن۔ حڪومت جي ڪوشش هئي ته پهرين رضاڪاراڻي طور هٿيار ڦٽا ڪرايا وڃن، ٻي صورت ۾ ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو۔ هن وڌيڪ چيو ته اوٻاڙو کان ٺٽو تائين ڪچي وارن علائقن جو سروي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ۽ حڪومت جي خواهش آهي ته انهن علائقن جا ماڻهو، خاص طور عورتون، زمينن جي الاٽمينٽ مان فائدو حاصل ڪن۔ دادو ڪيس بابت هن چيو ته عدالت فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اهو تاثر ختم ٿيڻ گهرجي ته سزا سٺي ۽ بريت خراب آهي، ڇو ته ٻنهي ڌرين کي منصفاڻي ٽرائل جو موقعو ڏنو ويو۔ هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم بلدياتي ادارن جي اختيارن جي ڳالهه ته ڪري ٿي، پر بلدياتي چونڊن کان پاسو ڪري ٿي۔ اين ايف سي ايوارڊ بابت هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي، جڏهن ته پيٽرول تي ڏنل سبسڊي جو بار سڀئي صوبا گڏجي کڻي رهيا آهن ته جيئن عوام تي اضافي بار نه پوي، ڇو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان مهانگائي وڌي ٿي۔ وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ملٽري گريڊ هٿيارن جي فراهمي بابت وفاقي ادارن کي آگاهه ڪيو ويو آهي، ۽ پنجاب ۾ موجود هٿيارن جي هڪ وڏي ذخيرو سنڌ پوليس تباهه ڪيو آهي، جڏهن ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ صورتحال بهتر ٿي آهي۔ دادو سيشن ڪورٽ واقعي بابت هن چيو ته ماضي ۾ به اهڙا واقعا ٿيا آهن ۽ تازو فيصلو انتهائي اهم هو۔ حڪومت ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به ڌر کي نقصان نه پهچي، جڏهن ته فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا۔ آخر ۾ شرجيل انعام ميمڻ واضح ڪيو ته تعليمي ادارا، جن ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون شامل آهن، معمول مطابق کليل رهندا، جڏهن ته ڇنڇر ڏينهن اسڪول بند رهندا۔










