سمنڊ پار پاڪستانين جي مارچ ۾ موڪليل رقم 4 ارب ڊالر جي حد پار

سمنڊ پار پاڪستانين جي مارچ ۾ موڪليل رقم 4 ارب ڊالر جي حد پار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ ترسيلات جو مقدار پهريون ڀيرو 4 ارب ڊالرن جي حد پار ڪري ويو، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب، مارچ 2025 دوران ترسيلات جو مقدار 4.1 بلين آمريڪي ڊالر هو.سالياني بنيادن تي ترسيلات ۾ 37.3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته مهيني جي بنياد تي 29.8 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب مان 987.3 ملين ڊالر ۽ گڏيل عرب امارات مان 842.1 ملين ڊالر جي ترسيلات وصول ٿيون.برطانيه مان 683.9 ملين ڊالر ۽ آمريڪا مان 419.5 ملين ڊالر جي ترسيلات وصول ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو