بچاءِ جو ڏهاڙو عزم کي وڌيڪ پختو بڻائي ٿو: سيد صلاح/ اسدالله

بچاءِ جو ڏهاڙو عزم کي وڌيڪ پختو بڻائي ٿو: سيد صلاح/ اسدالله

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي تہ 6 سيپٽمبر 1965 جو ڏھاڙو عسڪري لحاظ کان اسان جي لاءِ فخر ۽ قومي ڏينهن جھڙي حيثيت رکي ٿو ڇاڪاڻ تہ جڏهن ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ فوجي طاقت ۽ دفاعي وسيلن سان ڀارت مڪاري ۽ چالاڪي سان پنهنجي ناپاڪ ارادن کي پورو ڪرڻ لاءِ رات جي اونداهي ۾ پاڪستان جي سرزمين تي حملو ڪيو تہ افواج پاڪستان پنھنجي پيشه ورانه صلاحيتن وطن جي محبت جانساري ۽ جرئتمندي جي جذبي سان هن وڏي حملي کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو ۽ افواج پاڪستان پنهنجي جان جي پرواھ ڪرڻ کانسواءِ جرئتمندي ۽ بهادري سان وڙهي ۽ عظيم قربانيون ڏيئي ڪري ملڪ جي دفاع جو فرض نڀائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي ھنن چيو تہ 1965 ۾ جڏهن دشمنن اسان جي آزادي ۽ بقا کي لتاڙڻ جي ڪوشش ڪئي تہ پاڪستاني قوم انھن جي اڳيان مضبوط پٿر وانگر بيٺي رھي ڇاڪاڻ تہ زنده قومون ھميشہ آزمائشن مان گذري ڪري اڃان بہ وڌيڪ مضبوط ٿي وينديون آهن 6 سيپٽمبر تي جڏهن ڀارت پاڪستان تي اڻ اعلانيل جنگ مسلط ڪئي تہ سڄي قوم وطن جي محافظن جي حمايت ۾ اٿي بيٺي جڏهن تہ ڪيترائي محب وطن پيادل سرحدن ڏانهن روانا ٿيا قومي هم آهنگي ۽ يڪجهتي جي هن عظيم مظاھري اسان جي بهادر هٿياربند فوجن جي حوصلي کي اڃان وڌيڪ بلند ۽ مظبوط ڪيو ۽ اھي دشمنن سان اهڙا بي خوف ٿي وڙهيا جو دنيا ۾ انجو ڪو بہ مثال نٿو ملي اسان جي بهادر جوانن پائليٽن ۽ آفيسرن دنيا آڏو اھو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ هوء وطن عزيز جي ھڪ ھڪ انچ جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهن چاھي ان جي لاءِ انهن کي ڪا بہ قيمت ڇو نہ ادا ڪرڻي پئي هنن جو چوڻ هو تہ 6 سيپٽمبر جو عظيم ڏينهن هر سال اسان کي پنهنجي قومي هيروز هٿياربند فوج جي جانبازن ۽ خاص ڪري انهن شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪي هميشہ کان قوم جي اميد ۽ فخر رهيا آهن هنن چيو اسين وطن جي سلامتي ۽ تحفظ جي لاء پنھنجون قيمتي جانيون قربان ڪرڻ وارن قوم جي انھن بھادر پٽن کي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ انهن عظيم شهيدن جي خاندانن کي بہ خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي پيارن کي مادر وطن تي قربان ڪيو هنن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ اسان جي بهادر قوم ۽ مضبوط هٿياربند فوجن بار بار اھيو ثابت ڪيو آهي تہ اسان نہ رڳو ملڪ جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا بلڪه ڪنهن بہ قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار آھيون انڪري اچو سيپٽمبر واري جنگ جي پرجوش جذبن کي هميشہ پنهنجي دلين ۾ تازو رکون ڇاڪاڻ تہ اهي جذبا مستقبل جي سڀني چئلينجن ۾ سرخرو ٿيڻ لاءِ ڪافي آهن اچو تہ پنهنجي انهن عظيم شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم جي تجديد ڪريون تہ اسين ملڪ جي دفاع سلامتي ۽ بقا جو هر قيمت تي تحفظ ڪندا رهنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو