ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) بي آر ٽي يلو لائين منصوبي ۾ 6 ارب رپين کان وڌيڪ جي مبينا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ مالي بيقاعدگين تي انڪوائري (جاچ) جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب، بي آر ٽي يلو لائين منصوبي ۾ 6 ارب رپين کان وڌيڪ جي مبينا ڪرپشن سامهون آئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي، ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ جمن داس، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪمال حڪيم ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر طٰهٰ عزيز کي طلب ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ موجب، آفيسرن کي يلو لائين منصوبي سان لاڳاپيل سمورو رڪارڊ به پاڻ سان گڏ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. شرجيل ميمڻ موجب، بي آر ٽي يلو لائين جي اڳوڻي پي ڊي (پروجيڪٽ ڊائريڪٽر) ضمير عباسي قانون جي خلاف ورزي ڪندي ايڊوانس پيمنٽ (اڳواٽ ادائيگي) ڪئي هئي. سيڪريٽري ٽرانسپورٽ حڪومت پاران ايڪشن کڻڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کي خط پڻ لکي ڇڏيو آهي.










