لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ٻي شادي کانپوءِ بيواهه کي سرڪاري نوڪري تان برطرف ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ عورت زويا اسلام جي اپيل تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو، جيڪو جسٽس چوڌري اقبال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ لکيو.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سرڪاري ملازم پنهنجي مڙس جي وفات بعد 2020ع ۾ نائب قاصد جي نوڪري ملي، مڙس اسلام جي بيواهه هجڻ سبب سرڪاري نوڪري حاصل ڪئي ۽ 2021ع ۾ ٻي شادي ڪئي. جنهن جي بنياد تي کيس نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بيواهه کي ٻي شادي ڪرڻ کانپوءِ نوڪري ختم نه ٿي ڪري سگهجي، بيواهه کي ٻي شادي ڪرڻ تي سرڪاري نوڪري مان برطرف نه ڪيو ويندو. اسان جي مذهب ۾ اهو عورت جو بنيادي حق آهي.عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻي شادي ڪرڻ تي بيوه کي نوڪري تان برطرف ڪرڻ شرعي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، سپريم ڪورٽ ان قانون تي فيصلو ڏنو جنهن جي بنياد تي بيوه کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو. عدالت سنگل بينچ جو فيصلو ۽ بيواهه کي برطرف ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت بيواهه زويا اسلام جي اپيل داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.










