ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کان مطالبو ڪندو ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ ميچز ڀارت کان منتقل ڪيا وڃن.بنگلاديشي ڪرڪيٽر مستفيض الرحمان سان لاڳاپيل واقعي کان پوءِ ڀارت ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.ڪرڪيٽ ويب سائيٽ چيو آهي ته بي سي بي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي ميچز کي ڀارت کان سريلنڪا منتقل ڪرڻ لاءِ چوندو.ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، هندستان ۾ سيڪيورٽي خدشن جي ڪري هڪ متبادل هنڌ جو مطالبو ڪيو ويندو.ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، بي سي بي کان اميد آهي ته ڪولڪتا ۾ رانديگرن جي سيڪيورٽي خدشن بابت آءِ سي سي کي آگاهه ڪندو.










