بنون: (ويب ڊيسڪ) بنون ۾ ميرانشاهه روڊ تي اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اتر وزيرستان شاهه ولي خان ۽ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.پوليس موجب، بنون ۾ ميرانشاهه روڊ فلور ملز جي ويجهو هٿياربند ماڻهن پوليس جي گاڏي تي حملو ڪيو. نامعلوم هٿياربند ماڻهو زخمي پوليس اهلڪارن کان هٿيار به کڻي ويا.ڊي آءِ جي بنون سجاد خان تصديق ڪئي ته حملي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اتر وزيرستان شاهه ولي خان ۽ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته ٽي ٻيا زخمي ٿيا.هن وڌيڪ چيو ته شهيد ۽ زخمين کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال بنون منتقل ڪيو ويو آهي، ۽ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي.ان کان اڳ، اسسٽنٽ ڪمشنر بنون حملي جي تصديق ڪئي هئي ۽ چيو هو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ميرانشاهه جي گاڏي تي حملو ڪيو ويو، ۽ فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار ۽ هڪ ڊرائيور زخمي ٿيا آهن.










