بنون (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي بنون ضلعي ۾ ملڪيت جي تڪرار تي فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ عورت سميت ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ ٻي عورت زخمي ٿي پئي.پوليس موجب، فائرنگ جو واقعو ٽائون شپ چڙيا گھر جي ويجهو پيش آيو، ۽ فوتين ۾ ٻه ڀائر به شامل آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته ملڪيت جي تڪرار تي هڪ ويجهي مائٽ گهر تي فائرنگ ڪئي، ۽ لاشن ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، ۽ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










