بنون: (ويب ڊيسڪ) بنون ريجن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ پوليس آپريشنز بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب بنون ريجن ۾ 28 آگسٽ 2025 کان هينئر تائين ٿيل سمورن حملن کي ناڪام بنايو ويو آهي، ريجن ۾ دهشتگردي جي خلاف آپريشن جي نگراني آر پي او سجاد خان ڪئي. بنون ريجن ۾ شدت پسندن طرفان پوليس ٿاڻن ۽ چوڪين تي 10 حملن جي ڪوشش ڪئي وئي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پوليس ٿاڻن ۽ چوڪين تي 130 کان وڌيڪ ڊرون حملن جي ڪوشش ڪئي وئي، دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ گذريل هڪ هفتي جي دوران 14 انتهائي گهربل دهشتگرد مارجي ويا، آپريشن جي دوران 22 شدت پسند زخمي به ٿيا. آر پي او بنون سجاد خان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته بنون جي ڪجهه علائقن ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا آهن. شدت پسند پوليس ٿاڻن ۽ چوڪين تي ڪيترائي حملا ڪري چڪا آهن، آءِ جي ڪي پي بنون ريجن کي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪيا، بلٽ پروف گيٽس ۽ ڊبل وال سسٽم ٿاڻن ۾ لڳايا ويا. سجاد خان چيو ته بنون ريجن کي جديد هٿيارن سان ليس ڪيو ويو، جديد وسيلا هجڻ سبب دهشتگردن جي وڏن حملن کي ناڪام بنايو ويو، دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ عوام ڀرپور ساٿ ڏنو. دهشتگردن جي ڊرون حملن کي به جديد وسيلن جي ذريعي ناڪام بنايو ويو.










