اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچن کي هڪ بيڪار جنگ ۾ ڌڪيو ويو آهي، رياست معافي جو دروازو کليل ڇڏيو آهي، جيڪو به واپس اچڻ چاهي ٿو ان کي رستو ڏنو ويندو، قومي اسيمبلي جي ميمبر جمال رئيساڻي سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته ڊيرا بگٽي ۾ لڳ ڀڳ 100 دهشتگردن پاڪستاني حڪومت اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. هن چيو ته 2018-19 ۾، اهي ماڻهو به جبلن ڏانهن رخ ڪيو هو، اڄ اهي ٻيهر واپس آيا آهن، تنهن ڪري اسان انهن کي گلي لڳايو. شدت پسندن جو هٿيار ڦٽا ڪرڻ هڪ خوش آئند پيش رفت آهي.هن چيو ته پاڪستاني رياست، هٿياربند فوج ۽ فيلڊ مارشل خلاف هڪ بيانيه ٺاهيو ويو آهي، انهن کي هر وقت احتجاج بند ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيڪو خيبر پختونخواهه جي ماڻهن کي رليف فراهم ڪري سگهي.










