ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ قلم 144 تحت ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، منهن ڍڪڻ ۽ غير رجسٽرڊ موٽرسائيڪل هلائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.بلوچستان جي گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن تحت، گاڏين جي رنگين درين تي به پابندي هوندي، جڏهن ته هٿيارن جي نمائش تي اڳ ۾ ئي پابندي آهي.گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته 5 يا وڌيڪ ماڻهن جي گڏجاڻين ۽ ڌرڻن تي به پابندي لڳائي وئي آهي.گهرو کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته امن امان جي صورتحال جي ڪري هي پابندي 30 نومبر تائين لاڳو ڪئي وئي آهي.










