بلوچستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب 10 ڄڻا فوت

بلوچستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب 10 ڄڻا فوت

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعن آواران ۽ زوب ۾ ٻوڏ سبب 10 ڄڻا فوت ٿي ويا. بلوچستان جي ضلعن آواران ۽ زوب ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ جي واقعن ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا.موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران خضدار ۾ 10، قلات ۾ 9، ڪوئيٽا ۾ 3، دالبندين ۾ 5، برخان ۾ 4، پنجگور ۽ پشين ۾ 3، 3 ۽ زوب ۾ 2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.ان کان علاوه سنڌ جي مختلف علائقن دادو، ميهڙ، جوهي، خيرپورناٿن شاهه ۽ پڊعيدن ۾ به برسات پئي آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ سنڌ، ڏکڻ پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات پئجي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو