ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ ست ماڻهو مارجي ويا. فائرنگ جا واقعا موسا خيل، لورالائي، خضدار ۽ زوب ۾ ٿيا.موسا خيل جي علائقي ڪانگري مان ٽن ماڻهن جا لاش هٿ آيا، ٽنهي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.خضدار جي وڊھ تحصيل ۾ هڪ 22 سالن جي نوجوان کي نامعلوم ماڻهن گوليون هڻي قتل ڪيو.ژوب ۾ محب الله نالي هڪ نوجوان کي نامعلوم ماڻهن گوليون هڻي قتل ڪيو، جڏهن ته لورالائي ضلعي ۾ هڪ نوجوان پنهنجي سوٽيلي ماءُ ۽ هڪ شخص کي قتل ڪيو.










