لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف سان اڳوڻي وزيراعليٰ بلوچستان ۽ نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جاتي امرا ۾ ملاقات ڪئي۔ لاهور ۾ ٿيندڙ هن ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ خاص طور تي بلوچستان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي۔ نواز شريف بلوچستان جا سياسي ۽ معاشي مسئلا حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي۔ ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته نواز شريف ۽ ٻين اڳواڻن روايت مطابق اسان جو ڀرپور استقبال ڪيو، ۽ بلوچستان جي سياسي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون۔ هن چيو ته اسان نواز شريف کي چيو آهي ته هو بلوچستان اچن ۽ هتي جي سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪن۔ نواز شريف بلوچستان جي معاملي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ اسان جي درخواست تي هن چيو آهي ته هو بلوچستان جو دورو ڪندا۔ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جو چوڻ هو ته اسان نواز شريف کي چيو آهي ته بلوچستان جي صورتحال تي اوهان جو ڪردار انتهائي اهم آهي، ۽ اميد آهي ته هو 2013 وانگر هن ڀيري به بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا۔ نون ليگ جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق ٻڌايو ته ڊاڪٽر بلوچ مسلم ليگ ن جي قيادت کي بلوچستان جي مسئلن بابت آگاهه ڪيو ۽ نواز شريف کان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي۔ هن چيو ته نواز شريف ڊاڪٽر مالڪ کي سياسي ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي۔










