ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلديہ عظميٰ ڪراچي جي ڪائونسل جو عام اجلاس خميس جي ڏينهن ڪائونسل هال، صدر دفتر بلديہ عظميٰ ڪراچي ۾ منعقد ٿيو۔ اجلاس جي صدارت ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڪئي، جڏهن ته ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد پڻ هن موقعي تي موجود هئا۔ اجلاس دوران مجموعي طور 14 قراردادون منظور ڪيون ويون، جن ۾ ايجنڊا ۾ شامل 9 قراردادون ۽ وڌيڪ 5 اضافي قراردادون شامل هيون۔اجلاس جي شروعات تي اتفاقِ راءِ سان منظور ڪيل قراردادن ذريعي ايوان ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ اعليٰ ايراني قيادت سميت ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي شهادت ۽ ايران ۾ بمباري دوران معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ جي عمل کي عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو۔ قرارداد ۾ عالمي قوتن کان مطالبو ڪيو ويو ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ کي روڪرائڻ لاءِ پنهنجو اثر و رسوخ استعمال ڪن ته جيئن علائقي ۾ ٿيندڙ تباهي کي روڪي سگهجي۔ٻي قرارداد ذريعي گل پلازا ۾ لڳل باهه جي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو، جنهن ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا ۽ 1200 دڪان سڙي خاڪ ٿي ويا۔ شهيدن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي۔ انهن قراردادن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي پارلياماني ليڊر ڪرم الله وقاصي، اپوزيشن ليڊر سيف الدين ايڊووڪيٽ، پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر ۽ ايوان جي رڪن محمد نعمان، ذيشان سواتي ۽ ٻين پڻ خيال ظاهر ڪيا۔ ايران تي تازن حملن ۾ شهيد ٿيل ماڻهن ۽ گل پلازا سانحي جي شهيدن لاءِ دعاءِ مغفرت پڻ ڪئي وئي۔اجلاس دوران منظور ڪيل ٻين قراردادن ۾ مختلف کاتن مان اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ بلديہ عظميٰ ڪراچي ڏانهن اسامين کي تنخواه سميت منتقل ڪرڻ جي منظوري، عباسي شهيد اسپتال بلديہ عظميٰ ڪراچي ۾ سينيئر اسپیچ ٿراپسٽ (BS-17) جي اسامي کي (BS-18) ۾ اپ گريڊ ڪرڻ جي منظوري، ڪيٽل ڪالوني لانڍي ۾ لڳندڙ جانورن جي خريد و فروخت واري منڊي جي چوڌاري ڪيٽل پائونڊ يعني فريش اينمل سيل پوائنٽ قائم ڪرڻ جي منظوري، ڪي ايم سي جي سڀني اسپتالن کي 100 سيڪڙو يوزر چارجز استعمال ڪرڻ جي اجازت، ڪي ايم سي جي طبي ادارن کي ميڊيڪل آڪسيجن گيس جي فراهمي جي موجوده قيمتن ۾ واڌ جي منظوري شامل هئي۔ان کان علاوه ميونسپل سروسز بلديہ عظميٰ ڪراچي جي بجيٽ هيڊ نمبر XVI-A-(i) مان 10 ملين رپيا کڻي کاتو MPD جي POL بجيٽ هيڊ نمبر VII-A1-5(iii) ۾ ري اپروپريئيٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي۔ سپرنٽنڊنگ انجنيئر (لينڊ اينڊ اينٽي انڪروچمينٽ) ڪي ايم سي جي ريولونگ امپريسٽ اڪائونٽ کي 5000 رپيا ماهوار مان وڌائي 25000 رپيا ماهوار ڪرڻ ۽ چيف انجنيئر (E&M) جي ريولونگ ڪيش امپريسٽ کي 10,000 رپيا مان وڌائي 25,000 رپيا ماهوار ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي۔ميڊيا مينيجمينٽ بلديہ عظميٰ ڪراچي جي بجيٽ ۾ ترتيبوار 10 ملين رپيا ۽ 5 ملين رپيا ري اپروپريئيٽ ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي۔ اجلاس ۾ شهيد نجيب احمد جي جمهوري جدوجهد جي اعتراف ۾ فائيواسٽار چورنگي فلاءِ اوور (ناظم آباد) جو نالو شهيد نجيب احمد جي نالي سان منسوب ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي۔ان کان علاوه بلديہ عظميٰ ڪراچي جي انتظام هيٺ بيچ ويو سائيٽ تي ٽن ايڪڙ زمين تي ڪراچي ميوزيم قائم ڪرڻ ۽ يونائيٽيڊ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج (UMDC) روڊ تي 10 انچ قطر واري PE پائيپ وڇائڻ سان گڏ ضلعي ڪورنگي جي ابراهيم حيدري جي اندروني گهٽين ۾ پيونگ بلاڪ لڳائڻ لاءِ 100 ملين رپين جي تخميني لاڳت واري اسڪيم PC-1 جي منظوري پڻ ڏني وئي۔مجموعي طور اجلاس دوران 5 قراردادون اتفاقِ راءِ سان ۽ 9 قراردادون اڪثريت راءِ سان منظور ڪيون ويون۔ اجلاس دوران مختلف ميمبرن پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، جنهن کانپوءِ اجلاس کي غير معين مدت لاءِ ملتوي ڪيو ويو۔










