لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن اڳواڻ طلال چوڌري پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي ننگا هٿ وٺي ويو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته بلاول ڀٽو پنهنجو سياسي قد وڌائڻ لاءِ تنقيد ڪري رهيو آهي، هو نواز شريف جو مقابلو نٿو ڪري سگهي.هن چيو ته نواز شريف اڳ به ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو ۽ ڀٽو دور ۾ جيڪو ڪجهه پيپلزپارٽي ڪيو هو، اسان ڪنهن کي به سياسي طور نشانو نه بڻائي رهيا آهيون پر نواز شريف اختلافن باوجود سمورين پارٽين کي هڪ ئي ميز تي ويهاريو.طلال چوڌري چيو ته اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ کي انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ ڪو به وفادار ساٿي ياد نه آيو، اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ ڪنهن کي به قبول نه ٿيندي.










