ڪرچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي پريس ڪلب جي نون چونديل عهديدارن کي سندن ڪاميابي تي مبارڪ ڏني آهي، ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان مطابق پ پ چيئرمين پنهنجي پيغام ۾نئين چونڊيل صدر فاضل جميلي، جنرل سيڪريٽري محمد سهيل افضل، جوانئٽ سيڪريٽري محمد منصف، خزانچي عمران ايوب سميت گورننگ باڊي جي سمورن ڪامياب ميمبرن لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي،هن ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس پينل جي شاندار ڪاميابي تي پينل جي ذميوارن کي به مبارڪ ڏني، بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي پريس ڪلب جي شاندار جمهوري روايتن کي سارهائيندي چيو ته هي اسان سڀني لاءِ فخر آهي، بلاول ڀٽو چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ملڪ ۾اظهار جي آزادي ۽ خود مختيار صحافت جو هڪ منضبوط قلعو رهيو آهي، هن اميد جو اظهارڪيو ڪراچي پريس جي نئين قيادت صحافتي برادري کي پيش اينڊڙ چئيلجز جو جرئت ۽ عزم سان منهن ڏيندي آزاد صحافت جي تحفظ جي ميراث کي اڳتي وڌائيندي، هن ورجايو ته پاڪستان پيلزپارٽي بختي عزم سان صحافي برادري جي جائز حقن ۽ موقف جي حمايت ڪندي رهندي، هن زور ڏنو ته ملڪ ۾آزاد ۽ ذميوار صحافت جو فروغ قومي ترقي ۽ خوشهالي لاءِ ضروري آهي.










