خانپورمهر (رپوٽر) خانپور مهرپ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خانڳڙھ گوهر پئلس پهچي ويو, مهر ڀائرن سان امڙ جي وفات تي تعزيت بعد واپس روانو خبر موجب پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هيليڪاپٽر ذريعي خانڳڙھ گوهر پئلس پهتو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي پي ايم اين اي سردار علي گوهر خان مهر, سردار علي نواز عرف راجا خان مھر جي امڙ ۽ صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مھر جي چاچي جي وفات تي مهر سردارن سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر حسين شاه, ايم پي نادر اڪمل لغاري, اڳوڻو ضلعي چيئرمين حاجي خان مھر, احمد علي خان مھر, علي انور خان مھر پڻ موجود هئا پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مهر ڀائرن سان تعزيت بعد واپس روانو ٿي ويو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خانڳڙھ آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا گوهر پئلس جي اندر توڙي ٻاهر مختلف روڊ رستن تي پوليس اهلڪار وڏي انگ ۾ مقرر ڪيا ويا هئا
مشهور خبرون










