بلاول پاران بشيراحمد ھاليپوٽو جي وفات تي پوئينرن سان تعزيت

بلاول پاران بشيراحمد ھاليپوٽو جي وفات تي پوئينرن سان تعزيت

ٽنڊوباگو (رپورٽ ڄام سھيل سمون) چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو مرحوم ايم پي اي بشيراحمد ھاليپوٽو جي تعزيت لاءِ ھاليپوٽا ھائوس تي پھتو جتي سندس پٽ شھزاد ھاليپوٽو ۽ نئين چونڊيل ايم پي اي ڏاڏا محمد ھاليپوٽو سان تعزيت ڪري دعا ڪئي ته رب پاڪ مرحوم بشيراحمد کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا ڪري ۽ وارثن کي صبر و جميل عطا ڪري ان موقعي تي وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه، سھيل انور سيال، محمد اسماعيل راهو، حاجي سائين بخش جمالي، پير نورالله قريشي، حاجي محمد رمضان چانڊيو، عبدالغفور نظاماڻي، اعجاز شاھ بخاري،  ميڊيم تنزيلا قمبراڻي ۽ تاج محمد ملاح پڻ موجود ھئا

پهنجو تبصرو موڪليو