اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ سوشل ميڊيا تي بغاوت کي اُکسائڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي علي وزير جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.علي وزير خلاف سوشل ميڊيا تي بغاوت کي اڀاريندڙ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.جڊيشل مئجسٽريٽ شبير ڀٽي علي وزير کي 15 سيپٽمبر تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) علي وزير کي جڊيشل مئجسٽريٽ شبير ڀٽي جي عدالت ۾ پيش ڪيو.ايف آءِ اي علي وزير جي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي. جاچ آفيسر چيو ته علي وزير جي موبائل ۽ ليپ ٽاپ جي فرانزڪ گهربل آهي.










