اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءُ ايڊووڪيٽ ايمان مزاري جي درخواست تي ايندڙ ٻڌڻي تائين پوليس جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو آهي. وفاقي راڄڌاني ۾ پوليس گذريل ڏينهن نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندڙ بلوچ شاگردن ۽ ايمان مزاري سميت 200 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن خلاف ايمان مزاري اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. درخواست جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا ايف آءِ آر داخل ٿي آهي؟ جنهن تي ايمان مزاري جي وڪيل ٻڌايو ته اسان جي ڄاڻ موجب ايف آءِ آر داخل ڪري سيل ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ايس ايس پي صاحب، هن عدالت جي دائري ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، بلوچستان جي احتجاج ڪندڙ شاگردن کي ٻڌڻ گهرجي.چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته شاگردن جي احتجاج تي توهان بغاوت جا ڪيس داخل ڪريو ٿا، بغاوت جا ڪيس انهن خلاف ٿيڻ گهرجن جن سندن آواز کي دٻايو آهي. ايس ايس پي آپريشنز عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته شاگردن جي احتجاج ۾ 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي آهن. چيف جسٽس چيو ته هي عدالت پنهنجي حدن اندر ڪنهن جو به آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش برداشت نه ڪندي، ڀلي اهي بلوچستان جا شاگرد ڇو نه هجن. هن وڌيڪ چيو ته شاگردن جي آواز کي دٻائڻ دراصل بغاوت آهي ۽ اهو به پڇيو ته ڪيترا شاگرد زخمي ٿيا. چيف جسٽس چيو ته هي عدالت ڪميشن ڇو نه ٺاهي، هتي جو آئين آهي ۽ عدالت نازڪ آواز کي دٻائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪندي، ايس ايس پي صاحب توهان ان ڪيس ۾ ڪنهن کي به گرفتار نه ڪندا. عدالت چيو ته ضروري ناهي ته پوليس سڀني کي گرفتار ڪري، سپريم ڪورٽ جا فيصلا آهن. بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد کي طلب ڪري ورتو ۽ ٽنهي آفيسرن کي 7 مارچ تي ذاتي طور تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي.هوڏانهن عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين پوليس کي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي صدر کان مدد طلب ڪري ورتي.ياد رهي ته حفيظ بلوچ جيڪو ٽيوشن پڙهائي گذارو ڪندو آهي ان کي ايجنسين کنڀي گم ڪيو هو جنهن جي بازيابي لاءِ قائداعظم يونيورسٽي جي بلوچ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پهري مارچ تي احتجاج ڪيو ته پوليس مٿن لٺبازي ڪئي جنهن ۾ قمر بلوچ سميت 6 شاگرد زخمي ٿيا ۽ 2 پوليس وارا به زخمي ٿيا هئا. جنهن بعد پوليس اظهار همدردي لاءِ ايل ايمان مزاري ۽ بلوچ شاگردن خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪري ايف آءِ آر سيز ڪري ڇڏي. جنهن خلاف ايمان مزاري عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ته ڪيس جو سمورو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪريو ۽ جيسين ايف آڙ جي ڪاپي نٿي ملي تيسين گرفتاري کان پوليس کي روڪيو.










