لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي خلاف 12 فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ستار ساحل عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته بشرا بي بي خلاف 12 پوليس ڪيس داخل آهن، جن مان 11 راولپنڊي ۽ هڪ اٽڪ ۾ آهي.وفاقي حڪومت جي وڪيل اهو به چيو ته قومي احتساب بيورو (نيب) سندس خلاف توشه خاني بابت ڪيس داخل ڪيو آهي.حڪومتي رپورٽن جي روشني ۾ جسٽس طارق سليم شيخ بشرا بي بي جي خلاف داخل اڻڄاتل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪندي سندس درخواست اڪلائي ڇڏي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته درخواستگذار کي اڳوڻي سمورن ڪيسن ۾ بريت، ضمانت جي تصديق ۽ سزان جي معطلي کانپوءِ ڪنهن به فوجداري ڪيس ۾ گهربل نه هجڻ باوجود غير قانوني طور جيل ۾ رکيو ويو. جيڪڏهن درخواستگذار کي سندس ڄاڻ کان سواءِ ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو وڃي ته اهو انصاف جي ڀڃڪڙي جي برابر هوندو. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کي سندن موکل خلاف ڳجهي ۽ اڻ اعلانيل ڪيسن جي نئين لسٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ اهڙي ڪنهن به ڪيس ۾ سندن گرفتاري روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.










