اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب آفيس اعتراض واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ٻڌڻي دوران رجسٽرار آفيس جا اعتراض به ختم ڪري ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سيڪريٽري گهرو، آءِ جي اسلام آباد سميت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.بشرا بي بي جي درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 27 سيپٽمبر تي ٿيندي.
مشهور خبرون










