لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته بس حادثي جي سببن جو پتو لڳائڻ ضروري آهي.مريم نواز فيصل آباد موٽر وي تي پنڊي ڀٽان ويجهو پک اپ وين ۽ مسافر ڪوچ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي فوتين جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو.ان سلسلي ۾ جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته مون کي ان واقعي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، هوءَ متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.مريم نواز جو چوڻ آهي ته بس حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن.هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.










