بزنس ڪميونٽي جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون ڪنداسين

بزنس ڪميونٽي جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون ڪنداسين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪي معيشت ڏنڊي جي زور تي نه پيار سان هلندي آهي.وفاقي راڄڌاني ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوشش آهي ته پنجاب جي بزنس ڪميونٽي کان ڪجهه سکڻ جو موقعو ملي، تاريخ کي غلط طريقي سان پيش ڪيو ويندو آهي، بزنس ڪميونٽي جي مثبت تجويزن جي آجيان ڪريان ٿو. هن چيو ته بزنس ڪميونٽي جو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، پيپلز پارٽي سي پيڪ جي بنياد رکي، بزنس ڪميونٽي جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون ڪنداسين، چين پاڪستاني شين کي پنهنجي ملڪ ۾ متعارف ڪرائڻ چاهي ٿو.پ پ چيئرمين چيو ته واپاري برادري جي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. پيپلز پارٽي سي پيڪ جي بنياد رکي، چين پاڪستاني شين کي پنهنجي ملڪ ۾ متعارف ڪرائڻ چاهي ٿو. اسان پنهنجي حڪومت ۾ ايڪسپورٽ جا موقعا پيدا ڪيا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فخر آهي ته اسان چين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم به بزنس ڪميونٽي جي مسئلن کي حل ڪرڻ چاهي ٿو. واپاري برادري برآمدات وڌائڻ جي ڪوشش ڪري، اسان سڀ چاهيون ٿا ته پاڪستان جي ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ٿئي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ڏنڊي جي زور تي معيشت هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، ملڪي معيشت ڏنڊي جي زور تي نٿي هلي سگهي، پيار سان هلندي آهي، وفاق سيلز ٽيڪس آن گڊز جي ذميواري صوبن کي ڏئي.پ پ چيئرمين چيو ته اسان ٽارگيٽ پورا ڪندا آهيون ته سمورا پئسا وفاق کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون وفاق اسان جي پئسن سان پنهنجي معاشي مشڪلاتن کي ختم ڪري سگهندو.؟ وفاقي حڪومت جي پريشانين کي ختم ڪرڻ ڪنهن هڪ صوبي جو ڪم نه آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بجلي جا مسئلا اڄ جا نه آهن. وزيراعظم ۽ انهي جي ٽيم معاشي استحڪام لاءِ ڪوشان آهي. وزيراعظم سينٽرلائزيشن ۽ اسان ڊي سينٽرلائزيشن تي يقين رکون ٿا اسان خيرپور اڪنامڪ زون ٺاهيو جيڪو ترقي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان هر شيءَ آءِ ايم ايف تي نٿا وجھي سگهون. اسان کي اڪنامڪ زونز کي ٺاهڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. وفاقي حڪومت سان گڏجي پريشانين کي ختم ڪنداسين، وزيراعظم جي به نيت اهائي آهي ته ملڪ جا مسئلا ختم ڪريون.پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان صوبن تائين ڪاروبار کي هٿي ملندي. پرائيويٽ سيڪٽر سان گڏجي ڪم ڪرڻ سان معيشت کي هٿي ملندي، وسيلن کي استعمال ۾ آڻي ملڪي معيشت کي مضبوط کان وڌيڪ مضبوط بنائڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو