ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي چيئرمين منگهو پير ٽائون حاجي نواز بروهي پنهنجي يوسي 14 جو دورو ڪيو ۽ هلندڙ ڪمن جو معائنو ڪيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪندي رين ايمرجنسي ۾ کنيل قدمن کي ساراهيو.ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگهو پير جي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي چيو آهي ته برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اسان مڪمل تياري سان هنن يوسيز ۾ موجود آهيون. برساتن سبب جتي به مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، اتي منهنجي ٽيم ۽ مان برساتن ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻون ٿا ۽ صفائي سٿرائي جا سمورا عملدار پڻ پنهنجي لاڳاپيل يوسيز ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. علائقي ۾ بھاري مشينري پڻ موجود آھي جيڪا ڊرين جي صفائي جي ڪم ۾ مصروف آھي ۽ اسان ڪوشش ڪري رھيا آھيون ته عوام کي گھٽ ۾ گھٽ مسئلا پيش اچن حاجي نواز بروهي وڌيڪ چيو ته هي اهو علائقو آهي جتي گذريل سالن ۾ عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو هو، جڏهن ته ڪراچي شهر ۾ برساتن جو هي ٽيون اسپيل آهي، جنهن جي باوجود اسان جي چونڊيل عهديدارن پھنجي محنت ۽ لگن سان عوام جي خدمت ڪري رھيا آهن. اڄ هن علائقي ۾ جيڪي مسئلا گذريل سالن ۾ نظر ايندا ھيا اڄ نظر نه ٿا اچن پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور عوام جي خدمت آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان هر ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ آهيون.ان موقعي تي چيئرمين منگهو پير ٽائون حاجي نواز بروهي سان سندس وائيس چيئرمين حبيب الله سواتي، ڪائونسلر غلام محمد مگسي، جمشيد، ڪفايت ۽ پير بخش نوناري پڻ موجود هئا.










