باڊھ (ن سنڌيار)باڊھ ڀرسان ڳوٺ سيھڙ ۾ برسات پوڻ جي ڪري گهر چت ڪرڻ سبب هڪ ئي گهر جا 3 دٻجي فوت ٿي ويا جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي ۔ فوت ٿي ويلين ۾ باڊھ پريس ڪلب جي نائب صدر الھ رکيو ڪانڌڙو ۔ جي ڀيڻ روبينا۔ 19 سالن جي ڀاڻجي ڪونج ۔ ۽ 5 سالن ڏوهٽي پوپري ۔ ۽ زخمي ۾ رياض حسين ۔60 سال ۔ زهير علي 22 سال ۔ ايان علي ۔ 3 شامل آھن۔ واقعي جو اطلاع ملڻ بعد وارٽن بعد پرائوٽ گاڏين ذريعي سرڪاري اسپتال لاڙڪاڻي پهچايا سرڪار پاران ڪو به ريليف فراهم نه ڪيو ويو ۔هوڏانهن سرڪاري سهوليتن جي کوٺ ٽي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا جنهن کي باڊھ ڪانڌاڙا هائوس پهچايو ويو اس سلسلي ۾ فوتين جي واثن ۽ شھر جي معززن ۽ صحافين ميڊيا سان ويچار ونڊيندي چيو ته اسان سان ايڏو وڏو سانيو ٿيو آھي سرڪار ٿوڙ ي هٿان جو ڪو چونڊيل عوامي نمائدو نه ئي ڪو سرڪاري نمائدو متاثرن ڪا سر سنڀال لاء نه پهتو آھي انهن وڌيڪ چيو ته اسان جا زخمي ٿيل رياض حسين ۔60 سال ۔ زهير علي 22 سال ۔ ايان علي ۔ 3 سال جيڪي لاڙڪاڻو اسپتال ۾ ذريعي علان آھن انهن جي لاء سرڪار ڪا جوڳيا قدم نه کنيا ۔ هنن وڌيڪ چيو پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعلا سنڌ مراد علي ۽ وس وارن کي اپيل ڪجي ٿي ته زيري علاج رياض حسين ۔ ۔ زهير علي ۔ ايان علي ۔مدد نظر ثاني ڪئي وڃي ۔ ۽ نقصانات جو ازالو ڪيو وڃي ۔










