ٽنڊوباگو(ن س) ٽنڊوباگو لڳ يونين ڪائونسل اولياء خان شاھ جي ڇهن ڳوٺن ڳوٺ خليفو محمد هاشم لغاري، ڳوٺ محمد خان لغاري، ڳوٺ فتح محمد ڪلوئي، ڳوٺ کيتو ريٻاري، ڳوٺ جڳسي ڪولھي، ڳوٺ سومجي ڪولھي جي ڳوٺاڻن پاران سندن ڳوٺن ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ تي ڇهن ڳوٺن ۾ پوليو جي ڦڙن پيارڻ واري مهم جو ٻي ڏينهن به بائيڪاٽ جاري رکيو. ڳوٺاڻن حبيب الله لغاري، شوڪت لغاري ۽ محمد زمان لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گذريل سال جيان هن سال به برساتن سبب اسان جا ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏا پيا آهن، گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهڻ ڪري رڌ پچاء ڪري نٿا سگهون، برساتي پاڻي ڪري ڳوٺن ۾ گيسٽرو ۽ خارش جون بيماريون شروع ٿي ويون آهن. گذريل سال به اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو ۽ مختيارڪار ٽنڊوباگو ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ سم نالي کوٽڻ جو وائدو ڪري فري ويا، سم نالي نه هئڻ ڪري هر سال اسان جا ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏيو وڃن پر انتظاميا ڪجه ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن ڊپٽي ڪمشنر بدين ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي. ٻي صورت هو ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ نه ڏيندا.ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ ناٿو ھاليپوٽو ۾ ڳوٺاڻن جو پوليو کان بائڪاٽ، جيستائين پاڻي نه ڪڍايو ويندو تيستائين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ڪون ڏينداسين. اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو ثناء الله صدر ڳوٺ ناٿو ھاليپوٽو پهچي ڳوٺاڻن کي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو چيو پر ڳوٺاڻن پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن غلام مصطفي هاليپوٽو، علي حسن ۽ سچل هاليپوٽو جو چوڻ آهي ته جيستائين ڳوٺ مان پاڻي نيڪال نه ڪيو ويندو تيستائين پوليو جو بائيڪاٽ جاري رھندو.










