ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ برساتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت الرٽ آهي، برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ انتظام مڪمل آهن ۽ عملي جون موڪلون منسوخ ڪيون ويون آهن.هن چيو ته هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ اضافي ڊي واٽرنگ پمپ لڳايا ويا آهن.شرجيل ميمڻ چيو آهي ته شهر جي چوڪنگ پوائنٽس جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ عملي کي نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.هن اهو به چيو ته حڪومت لاڳاپيل ادارن ۽ مقامي ادارن جي آفيسرن کي هاءِ الرٽ رکيو آهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪراچي ۾ اڄ تقريبن سڄو ڏينهن هلڪي ۽ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.










