بختاور ڀٽو زرداري جي وڏي پٽ جي پهرين سالگرهه

بختاور ڀٽو زرداري جي وڏي پٽ جي پهرين سالگرهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري جو وڏو پٽ هڪ سال جو ٿي ويو آهي، بختاور ڀٽو جي وڏي پٽ جي سومر تي پهرين سالگرهه ملهائي وئي مير حاڪم محمود چوڌري گذريل سال 10 آڪٽوبر تي دبئي ۾ ڄائو هو بختاور ڀٽو جي مڙس محمود چوڌري پٽ کي پهرين سالگرهه جي مبارڪ ڏيندي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي ان تي محمود چوڌري لکيو ته هپ هپ هري اڄ اوهان جي برٿ ڊي آهي ٻئي پاسي بختاور ڀٽو جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس ڏٺا وڃن ته هو اڃا تائين هن خوشي جي موقعي تي خاموش آهي، ياد رهي رهي ته 5 آڪٽوبر تي بختياور ڀٽو زرداري کي ٻئي پٽ جي اولاد سان الله سائين نوازيو آهي جنهن جو نالو هن مير سجاول محمود چوڌري رکيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو