اسلام آباد (م ڊ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳائڻ ۽ موجوده ٽيڪس جي شرح ۾ تبديلي جو امڪان آهي.ذريعن موجب اقتصادي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ گذريل ڏينهن ورچوئل ڳالهيون ٿيون، جنهن دوران واپاري ۽ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي پارٽين ٽيڪس تجويزن تي ورچوئل ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پگهاردار طبقي لاءِ سليب ۾ تبديلي، نوان ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف پينشنرز لاءِ ٽيڪس سڌارن واري ايجنڊا جو حصو بڻائڻ جي تجويز ڏني آهي.ذريعن موجب ايف بي آر آءِ ايم ايف جي مطالبي تي ٽيڪس تجويزون تيار ڪيون هيون ۽ وزيراعظم گذريل هفتي ان معاملي تي آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه جي هدايت ڪئي هئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ورچوئل ڳالهين دوران سڀني شين تي هڪ ئي شرح تي جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ جو به جائزو ورتو ويو ۽ جي ايس ٽي جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي.جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ پينشنرز تي نئين ٽيڪس بابت حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو،ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پينشن تي ٽيڪس لڳائڻ نٿي چاهي پر آءِ ايم ايف اهو مطالبو ڪيو آهي ۽ ناڻي واري وزارت ان حوالي سان آءِ ايم ايف سان رابطي ۾ آهي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو پر موجوده ٽيڪس جي شرح کي تبديل ڪيو ويندو.










