بجلي صارفين تي ٻيهر اربين روپين جو اضافي بار وجهڻ جي تياري

بجلي صارفين تي ٻيهر اربين روپين جو اضافي بار وجهڻ جي تياري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) بجلي صارفين تي ٻيهر کان اربين روپين جو اضافي بار وجهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي اپريل جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪري ڇڏي. نيپرا درخواست تي 30 مئي تي ٻڌڻي ڪندو. درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ مهيني لاءِ بجلي 3 روپيه 49 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.سي پي پي اي اپريل جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست جي منظوري سان صارفين تي 34 ارب جو اضافي بار پوندو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اپريل ۾ فرنس آئل ۽ ڊيزل مان بجلي پيدا نه ڪئي وئي، هڪ مهيني ۾ بائيڊل مان بجلي جي پيداوار 22.96 سيڪڙو رهي. مقامي ڪوئلي مان 10.19 سيڪڙو مقامي گيس مان 11.28 سيڪڙو پيداوار رهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مقامي گيس مان 11.8 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. اپريل ۾ درآمد ڪيل ايل اين جي مان بجلي جي پيداوار تقريبن 25 سيڪڙو جڏهن ته جوهري ٻارڻ جي تيل مان 23.64 سيڪڙو رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو