باقي سموريون ميچون کٽي ٽاپ فور ۾ اينداسين: افتخار احمد

باقي سموريون ميچون کٽي ٽاپ فور ۾ اينداسين: افتخار احمد

چنئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر افتخار احمد چيو آهي ته هاڻي ڪوشش ڪنداسين ته ورلڊ ڪپ جون باقي سموريون ميچون کٽي ٽاپ فور ۾ اچن.افغانستان خلاف شڪست کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي افتخار احمد چيو ته هن ڀيري 300 کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون هيون، اسان جا اسپنر شاندار پرفارم نه ڪري سگهيا.هن چيو ته اسان جي بالنگ عالمي نمبر ون آهي پر اميدن موجب پرفارم نه ڪري رهي آهي، اسان وٽ بائونس بيڪ ڪرڻ جي صلاحيت آهي.آل رائونڊر وڌيڪ چيو ته ٽيم سان گڏ اپاءَ ورتا آهن، اسان هن وقت هيٺ وڃي رهيا آهيون، اسان جي هٿ ۾ ڪوشش آهي ۽ اسان ڪوشش ڪنداسين ته پاڻ کي مٿي کڻنداسين.هن چيو ته هر ٽيم جو مورال گري ويندو آهي جڏهن بيٽنگ ٿيندي آهي.افتخار احمد اهو به چيو ته افغانستان اڄ اسان خلاف سٺي ڪرڪيٽ کيڏي، کين ڪريڊٽ ڏيو، اسان جو پلان هو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو